شاهنواز خان

شاهنواز خان (خطاب): هيءُ خطاب احمد شاهه ابداليءَ طرفان ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي مليو. غلام رسول مهر پنهنجي ڪتاب ‘تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور ’ جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو ته: “جڏهن نادر شاهه افشار کانپوءِ حڪومت احمد شاهه ابداليءَ سنڀالي، تڏهن هن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي ‘شاهنواز خان’ جو خطاب ڏنو. هن خطاب ڏيڻ جو مقصد هي هو ته جيڪو خراج نادر شاهه کي ادا ڪيو ويندو هو، هاڻي اهو آئينده احمد شاهه کي ادا ڪيو وڃي، پر ميان نور محمد خراج ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهنڪري احمد شاهه خود حملو ڪيو. اهو ٻڌي ميان نور محمد جيسلمير طرف هليو ويو ۽ اتي 1755ع ۾ وفات ڪيائين. هيڏانهن ديوان گدومل احمد شاهه کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. هيءُ واقعو 1167هه/1754ع ۾ رونما ٿيو.


لفظ شاهنواز خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو